رهاڻ هيرن کاڻ5

رهاڻ هيرن کاڻ5

رهاڻ هيرن کاڻ5

رهاڻ هيرن کاڻ5 (ڪتاب) جلد پنجون: هيءُ ڪتابي سلسلو سنڌ جي نامور عالم، اديب، مؤرخ، لوڪ ادب جي پارکو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي روايتن متعلق ڪيل ڪچهرين تي مشتمل ڪتاب جو پنجون جلد آهي. هن ڪتاب جا ٻه اکر ناز سنائيءَ لکيا آهن. ڪتاب کي مختلف موضوع ڏيئي جدا جدا عنوانن ۾ ورهايو ويو آهي جن ۾: تاريخ، رسالي ’فتحي‘ ۾ آڳاٽا ناياب سنڌي بيت، مانائتيون مايون، ويا سي وينجهار، محبت جون مقالون، سگهڙ شاعر ۽ قصا، شاعر گلو مياڻو، وايو منڊل بابت سنڌ جي سڄاڻن جا ويچار، تبديلي ۽ ترقيءَ جا اڳواڻ، ظرافت ۽ مزاح، سنڌ جو طب، سنڌ جو شاهي قلعو: رني ڪوٽ، سنڌ جا نسب ناما ۽ قبيلا ۽ ڪچهري نارو وغيره شامل آهن. 158 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان ڪتاب جي قيمت سؤ روپيا آهي، جنهن کي سنڌي ساهت گهر حيدرآباد ڊسمبر 2003ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو